ڪورونا وائرس: ملڪ ۾ وڌيڪ 12 فوتگيون، 1824 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق

اسلام آباد (بيورو) ملڪ ۾ اڄ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 12 ڄڻا فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ فوتين جو گڏيل انگ 907 ٿي ويو، جڏهن ته نوان ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ تصديق ٿيل مريضن جو انگ 42989 ٿي ويو آهي.پاڪستان ۾ ڪورونا سان هيل تائين سڀ کان وڌيڪ 318 فوتگيون خيبر پختونخواهه ۾ ٿيون آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ 280، پنجاب ۾ 260، بلوچستان ۾ 37، اسلام آباد ۾ 7، گلگت بلتستان ۾ 4 ۽ آزاد ڪشمير ۾ هڪ ڄڻو لاڏاڻو ڪري ويو آهي.اڄ سڄي ملڪ ۾ هيل تائين ڪورونا جا وڌيڪ 1824 ڪيس سامهون آيا آهن ۽ 12 فوتگيون به رپورٽ ٿيون آهن، جن مان سنڌ ۾ 864 ڪيس ۽ 3 فوتگيون، پنجاب ۾ 762 ڪيس ۽ 8 فوتگيون، بلوچستان ۾ 148 ڪيس ۽ هڪ فوتگي، جڏهن ته اسلام آباد ۾ وڌيڪ 50 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي.سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 864 نوان ڪيس سامهون آيا ۽ 3 فوتگيون به ٿيون آهن، جنهن جي تصديق وڏي وزير ڪئي.سيد مراد علي شاهه موجب هڪ ڏينهن دوران 864 وڌيڪ ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ متاثرن جو ڪُل انگ 17241 ٿي ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ 3 ڄڻن جي فوتين ٿيڻ کانپوءِ فوتين جو گڏيل انگ 280 ٿي ويو آهي.سندس چوڻ هو ته اڄ وڌيڪ 280 ڄڻا صحتياب ٿي ويا، جنهن کانپوءِ صوبي ۾ ڪورونا کي شڪست ڏيندڙن جو انگ 4489 ٿي ويو.پنجاب ۾ اڄ ڪورونا جا وڌيڪ 762 ڪيس رپورٽ ٿيڻ سان گڏوگڏ 8 فوتگيون به سامهون آيون آهن، جنهن جي تصديق پي ڊي ايم اي طرفان ڪئي وئي.پي ڊي ايم اي موجب صوبي ۾ ڪورونا ڪيسن جو مجموعي انگ 15346 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 260 ڄڻا ان وبا سبب لاڏاڻو ڪري چڪا آهن.اختيارين جو چوڻ هو ته پنجاب ۾ هيل تائين 4918 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن.بلوچستان ۾ سومر ڏينهن ڪورونا جا وڌيڪ 148 ڪيس سامهون آيا ۽ هڪ فوتگي به رپورٽ ٿي، جنهن جي تصديق صوبائي صحت کاتي طرفان ڪئي وئي.صوبائي صحت کاتي جي ترجمان موجب بلوچستان ۾ متاثرن جو ڪُل انگ 2692 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 37 ڄڻا زندگي جي جنگ هارائي ويا آهن.بلوچستان ۾ هيل تائين صحتياب ٿيندڙن جو انگ 454 آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *