اسلام آباد (بيورو)ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 1003 ٿي ويو، جڏهن ته تازا ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ متاثرن جو گڏيل انگ 46915 تي پهچي ويو آهي.پاڪستان ۾ ڪورونا سبب سڀ کان وڌيڪ 345 فوتگيون خيبر پختونخواهه ۾ ٿيون آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ 316، پنجاب ۾ 290، بلوچستان ۾ 38، اسلام آباد ۾ 9، گلگت بلتستان ۾ 4 ۽ آزاد ڪشمير ۾ هڪ ڄڻو ان وبا سبب لاڏاڻو ڪري ويو آهي.اڄ سڄي ملڪ مان هيل تائين ڪورونا جا 1139 نوان ڪيس ۽ 17 فوتگيون به رپورٽ ٿيون آهن، سموريون 17 فوتگيون ۽ 1017 ڪيس سنڌ مان رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته اسلام آباد ۾ 104 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 18 مريض سامهون آيا آهن.سنڌ ۾ اڄ ڪورونا سان وڌيڪ 17 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 1017 ڪيس سامهون آيا آهن، جنهن جي تصديق وڏي وزير ڪئي.سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ڪورونا وائرس سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 17 ڄڻن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ فوتين جو گڏيل انگ 316 ٿي ويو آهي.هن ٻڌايو ته 1017 نوان ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ 18 هزار 946 تي پهچي چڪو آهي، جڏهن ته اڄ وڌيڪ 904 ڄڻا صحتياب پڻ ٿيا، جنهن کانپوءِ صوبي ۾ صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 هزار 645 ٿي ويو آهي.