ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) چين مان پکڙيل ڪورونا وائرس سبب پوري دنيا ۾ فوتين جو انگ 7 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو آهي، مرض ۾ هڪ لک 94 هزار ماڻهو مبتلا آهن، ڪورونا وائرس ڏسندي ڏسندي 162 ملڪن تائين پکڙجي چڪو آهي، فوتين جو انگ وڌڻ جو سلسلو جاري آهي، هن وقت تائين 7 هزار 896 ماڻهو فوت ۽ هڪ لک 94 هزار 735 ماڻهو متاثر ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، چين جي نيشنل هيلٿ ڪميشن مطابق 24 ڪلاڪن ۾ چين ۾ 13 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن، چين ۾ فوتين جو انگ3 هزار 226 ٿي ويو آهي، جڏهن ته متاثرن جو انگ 80 هزار 800 کان وڌيڪ ٿي ويو، هن وقت تائين 68 هزار 679 ڄڻا صحتياب ٿي ويا، چين کانپوءِ اٽلي ڪورونا وائرس کان وڌيڪ متاثر ملڪ آهي، جتي 27 هزار کان وڌيڪ ڄڻا متاثر ۽ 2503 فوت ٿي ويا آهن، ايران ۾ وڌيڪ 135 ڄڻا فوت ٿيڻ کانپوءِ فوتين جو انگ 998 ٿي ويو، جڏهن ته متاثرن جو انگ 16 هزار 169 ٿي ويو، اسپين جي انگن اکرن موجب 510 ڄڻا فوت ۽ 11 هزار کان وڌيڪ ڄڻا ڪورونا وائرس متاثر آهن، جرمني ۾ فوتين جو انگ 23 ۽ 8 هزار 588 ڄڻا متاثر آهن، فرانس ۾ هيل تائين 148 ڄڻا فوت ۽ 6633 ڄڻا متاثر آهن، ڏکڻ ڪوريا ۾ 81 فوت ۽ 8 هزار 320 ڄڻا متاثر ٿي چڪا آهن، آمريڪا ۾ ڪوورنا وائرس جي نتيجي ۾ وڌيڪ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا، جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 94 تي پهچي ويو، جڏهن ته 5200 کان وڌيڪ ڄڻا متاثر ٿيل آهن، ڀارت ۾ ڪورونا وائرس سبب ٽن ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي ۽ 142 شهري متاثر آهن، ڪورونا وائرس ڦهلجڻ کان روڪڻ لاءِ اٽلي، اسپين، فرانس ۽ ملائيشيا ۾ لاڪ ڊائون ڪيو ويو، جڏهن ته برطانوي انتظاميا به ان حوالي سان غور ڪري رهي آهي.