ڪورونا وائرس سبب ايبٽ آباد ۾ وڌيڪ هڪ فوت: ملڪ اندر فوتين جو انگ 16 ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪي پي جي ايبٽ آباد ۾ وڌيڪ هڪ شخص جي فوت ٿيڻ کانپوءِ ملڪ ۾ اڄوڪي ڏينهن فوتين جو انگ 4 ٿي ويو ۽ مجموعي طور تي ملڪ اندر ڪورونا وائرس سبب 16 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته متاثر مريضن جو انگ 1542 ٿي ويو آهي. سنڌ، خيبرپختونخوا،گلگلت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ گذريل ڏينهن ڪورونا وائرس جا وڌيڪ ڪيس سامهون اچڻ بعد پاڪستان ۾ متاثر مريضن جو انگ 1542 ٿي ويو آهي. گڏ ڪيل انگ اکرن موجب ملڪ ۾ وڌيڪ 46 نوان ڪيس سامهون آيا آهن، جن ۾ سنڌ جا 12، خيبرپختونخوا جا 8، آزاد ڪشمير جا 4، گلگلت بلتستان جا 5،اسلام آباد جا 4 ۽ پنجاب صوبي جا 13 مريض شامل آهن. هزاره جي ڪمشنرڪورونا وائرس سبب هڪ مريض فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته سردار الياس خان نالي شهري مقامي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، جيڪو ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويوآهي. ڪمشنر هزاره جو چوڻ هو ته فوت ٿي ويل شخص هڪ هفتو اڳ تبليغي جماعت سان گڏ هزاره پهتو هو، ساڻس گڏ آيل 10 ڄڻن کي قرنطينه منتقل ڪيو ويو آهي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار صوبي ۾ 557 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ڪندي چيو آهي ته صوبي ۾ هيل تائين 5 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ 5 صحتياب ٿيا آهن. سنڌ سرڪار جي ترجمان موجب ڪراچي ۾ وڌيڪ 25 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جنهن بعد شهر ۾ متاثر مريضن جو انگ 189 ٿي ويو آهي، جڏهن ته حيدرآباد ۾ به وڌيڪ 4 نوان ڪيس سامهون آيا آهن، جتي متاثرن جو انگ 7 ٿي ويو آهي ۽ هڪ ڪيس دادو ۾ به ظاهر ٿيو آهي. ترجمان موجب تفتان مان سکر آندل زائرين مان 265 ۽ لاڙڪاڻي جي 7 ماڻهن م ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي. سرڪاري پورٽل مطابق اسلام آباد ۾ هيل تائين ڪورونا وائرس جا 39 ڪيس رپورت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته بلوچستان ۾ 7 نوان ڪيس سامهون اچڻ بعد متاثرن جو انگ 138 ٿي ويو آهي. گلگلت ۾ بلتستان ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 8 ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ مريضن جو انگ وڌي 111 ٿي ويو آهي. خيبر پختونخوا ۾ ڪورونا وائرس جا 8 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جنهن بعد مريضن جو انگ 188 ٿي ويو آهي، هوڏانهن آزاد ڪشمير ۾ مريضن جو انگ 2 آ هي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *