اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم عمران خان پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کان اپيل ڪئي آهي ته ڪورونا وائرس سان وڙهڻ جي لاءِ سڀ رقم موڪلن. پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي نالي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته هن وقت پاڪستان سميت دنيا ۾ ڪورونا وائرس جو عذاب آيو آهي، ان جي ڪري لاڪ ڊائون ڪرڻو پيو آهي.هن چيو ته اسان جي ملڪ جون معاشي حالتون پهرين ئي ٺيڪ نه هيون جڏهن ته ڪورونا وائرس جي انهن اثرن سان هتي غربت اڃان به وڌي وئي آهي.وزير اعظم جو چوڻ هو ته آئون چاهيان ٿو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني، وزير اعظم ريليف فنڊ ۾ حصو وجهن.هن پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي مخاطب ڪندي چيو ته آمريڪا جي آبادي 30 ڪروڙ آهي ۽ اُتي 22 سئو ارب ڊالر جو ريليف پيڪيج ڏنو ويو آهي.پر عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جنهن جي آبادي 22 ڪروڙ آهي اُتي هن وقت تائين 8 ارب ڊالر گڏ ٿيا آهن جڏهن ته جرمني ۽ جاپان اسان کان اڌ آبادي هئڻ جي باوجود هڪ هزار ڊالر في ڪس جو ريليف ڏنو آهي.هن چيو ته پاڪستان کي توهان جي ضرورت آهي ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ان ڏانهن پيسا موڪلن.