ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪورونا وائرس جي خوف سبب سنڌ جي مختلف شهرن ۾ انتظاميه ۽ پوليس هوٽل بند ڪرائي ڇڏيا، ميڊيڪل اسٽورز مالڪن کي ماسڪ ۽ سينيٽائيزر مهانگا وڪرو ڪرڻ جي صورت ۾ ڪارروائي جي وارننگ ڏني وئي، ٺٽي، نوابشاهه، حيدرآباد، لاڙڪاڻي، دادو ۽ ٻين شهرن ۾ انتظاميه هوٽل بند ڪرائي ڇڏيا آهن، لاڙڪاڻي ۽ نوابشاهه جي مختلف علائقن ۾ انتظاميه پوليس جي مدد سان کليل هوٽل ۽ ريسٽورنٽس بند ڪرائي ڇڏيا، ايس ايس پي ٺٽو به انتظاميا سان گڏ ٺٽي شهر جي بازارن ۽ مڪلي جي مختلف هنڌن تي پهچي هوٽل بند ڪرائي ڇڏيا. 14ڏينهن تائين هوٽل ۽ ريسٽورنٽ بند رکڻ جي هدايت ڪئي وئي، انتظاميا ذخيرو ڪندڙن خلاف به ڪارروائي جو چتاءُ ڏنو، دادو ۾ سنڌ حڪومت جي هدايتن باوجود هوٽلز، گيسٽ هائوس ۽ مارڪيٽون بند نه رکيون ويون، جڏهن ته انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا وٺڻ لاءِ پڻ نجي بينڪ جي سامهون عورتن جا هجوم لڳي ويا، پر انتظاميه غائب رهي. ڪمشنر حيدرآباد جي واضح هدايتن کانپوءِ شھري انتظاميا ۽ پوليس مختلف هنڌن تي بازارون بند ڪرائي ڇڏيون آهن، ورڪشاپ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڪاروباري ماڻهن ڪورونا جي خدشي سبب پاڻ ئي ڪاروبار بند رکيو، شهر جا روڊ رستا ويران ڏسڻ ۾ آيا، پر ٽرانسپورٽ جي چرپر تي پابندي کانپوءِ ٽيڪسي ڊرائيورن پاڻمرادو ئي ڪرايا ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن، تنگواڻي ۾ پوليس مختلف هنڌن تي هوٽل مالڪن کي رش نه ٿيڻ جون هدايتون ڏنيون، جهڏو ۾ پوليس مختلف هنڌن تي ميڊيڪل اسٽور، ڪريانا اسٽورز ۽ کاڌي پيتي جي شين جا ٻيا مرڪز ۽ دڪان بند ڪرائي ڇڏيا آهن، ميرپورخاص ضلعي انتظاميه جي حڪم تي نئون ڪوٽ ۾ به پوليس اهلڪارن دڪان، ميڊيڪل اسٽور، اسپتالون ۽ ٻيا ڪاروباري مرڪز بند ڪرائي ڇڏيا آهن.