ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار ڪورونا وائرس کان محفوظ رهڻ لاءِ درگاهن جي گادي نشينن کي دعا جي اپيل ڪري ڇڏي. صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته پي ايس ايل جي مئچ ڏسڻ لاءِ آيل ماڻهن کي بخار ۽ زُڪام جون علامتون هونديون ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس سُڌ سماءَ واري وزير ناصر شاهه چيو ته ڪورونا جو هڪ مريض گذريل ڏينهن صحتياب ٿي گهر هليو ويو آهي، هيل تائين 189 ماڻهن جي ڪورونا جي حوالي سان ٽيسٽ ڪئي وئي آهي، سموري صوبي ۾ قرنطينه وارڊز قائم ڪيا ويا آهن. جڏهن ته تافتان مان آيل پنج سئو زائرين کي سکر ۾ رکڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي. پي ايس ايل جي مئچ جي حوالي سان ناصر شاهه چيو ته جن کي بُخار يا زڪام هجي، اُهي مئچ ڏسڻ لاءِ اسٽيڊيم اچڻ کان پاسو ڪن، جيڪڏهن اهڙا ماڻهو اسٽيڊيم آيا ۽ نشاندهي ٿي ته اُنهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪورونا جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اسڪول وڌيڪ عرصي لاءِ بند رکڻ يا نه رکڻ جو حتمي فيصو اڄ ڪيو ويندو. ايئرپورٽس تي ايندڙ مسافر جي اسڪريننگ جو عمل وڌيڪ اثرائتو بڻايو پيو وڃي. ڪراچي ايئرپورٽ تي سنڌ جو صحت کاتو وفاق جي مدد ڪري رهيو آهي، صحت کاتي ايئرپورت انتظاميا کي 8 تربيت يافته ماڻهن جو عملو ڏنو آهي، جيڪو مختلف شفٽس ۾ مسافرن جي اسڪريننگ دوران هٿ ونڊائيندو. ايئرپورٽس تي اسڪريننگ جي ذميواري وفاق جي آهي، پر سنڌ سرڪار اُن جي مدد ڪري رهي آهي.