ڪورونا وائرس جون گهٽ ٽيسٽون ٿيڻ بابت رپورٽ وزيراعظم کي پيش

اسلام آباد (بيورو) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ لاءِ تمام گهٽ انگ ۾ ٽيسٽون ٿيڻ جي حوالي سان رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي.ذريعن موجب نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) ۽ صحت کاتي طرفان رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ بايولاجيڪل ماهرن جي عدم دستيابي ٽيسٽ نه ٿيڻ جو سبب قرار ڏني وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اين ڊي ايم اي ۽ اين آءِ ايڇ ٽيسٽنگ جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ متحرڪ آهن، ٽيسٽنگ ڪٽس چئني صوبن جي صحت کاتي کي فراهم ڪيون ويون آهن، گڏ ئي پرائيويٽ ۽ سرڪاري ليبارٽرين ۾ عملي کي خاص ٽريننگ ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب پاڪستان ۾ ڪورونا ٽيسٽنگ جي صلاحيت هر روز 16 هزارن تائين پهچي چڪي آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ ٽيسٽنگ جي صلاحيت 25 هزار هر ڏينهن ٿيندي پر عملو نه هجڻ سبب هڪ ڏينهن ۾ رڳو 2 هزار کان 2200 ٽيسٽون ٿي رهيون آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *