اسلام آباد/ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ۾ اڄ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ فوتين جو گڏيل انگ 94 ٿي ويو آهي سنڌ ۾ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 41 ڪيس سامهون اچڻ بعد متاثر مريضن جو انگ وڌي 1452 ٿي ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ هڪ مريض فوت ٿيڻ بعد انگ وڌي 31 ٿي ويو آهي اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ اڄ ڪورونا سبب وڌيڪ 4 فوتگين کانپوءِ فوتين جو گڏيل انگ 95 ٿي ويو آهي، جڏهن ته نوان ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ 5478 تائين پهتو آهي.ملڪ ۾ هيل تائين سڀ کان وڌيڪ 34 فوتگيون خيبر پختونخواهه ۾ ٿيون آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ 31، پنجاب ۾ 24، بلوچستان ۾ 2، گلگت بلتستان ۾ 3 ۽ اسلام آباد ۾ هڪ مريض فوت ٿيو آهي.اڄ سڄي ملڪ ۾ هيل تائين ڪورونا جا 246 وڌيڪ ڪيس سامهون آيا آهن ۽ 4 فوتگيون به رپورٽ ٿيون آهن.سومر ڏينهن پنجاب ۾ 192 ڪيس ۽ 3 فوتگيون، سنڌ ۾ 41 ڪيس ۽ هڪ فوتگي، بلوچستان ۾ هڪ، جڏهن ته اسلام آباد ۾ 12 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.سنڌ ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 41 ڪيس سامهون آيا ۽ هڪ فوتگي به رپورٽ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ صوبي ۾ متاثرن جو گڏيل انگ 1452 ۽ فوتين جو انگ 51 ٿي ويو آهي.صوبائي حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب ڪيسن ۽ فوتين جي تصديق ڪندي ڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 30 ڄڻا صحتياب پڻ ٿيا آهن، جنهن کانپوءِ صحتياب ٿيندڙن جو انگ 419 ٿي ويو آهي.پنجاب ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 192 ڪيس سامهون آيا آهن ۽ 3 فوتگيون به ٿيون آهن.صوبي ۾ 130 ڪيسن ۽ 2 فوتگين جي تصديق رات دير سان عثمان بوزدار ڪئي، جڏهن ته وڌيڪ 62 ڪيسن ۽ هڪ فوتگي جي تصديق پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ جي ترجمان طرفان ڪئي وئي آهي.پنجاب ۾ ڪورونا وائرس سان متاثرن جو مجموعي انگ 2656 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 24 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، ان سان گڏوگڏ صوبي ۾ صحتياب ٿيندڙن جو انگ 39 آهي.اسلام آباد ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 12 ڪيس سامهون آيا، جيڪي سرڪاري پورٽل تي رپورٽ ٿيا آهن.اسلام آباد ۾ نون ڪيسن کانپوءِ متاثرن جو انگ 131 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ان وائرس سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي چڪو آهي.بلوچستان ۾ اڄ هڪ شخص ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي، جنهن کانپوءِ صوبي ۾ متاثرن جو انگ 231 ٿي ويو.صوبائي صحت کاتي جي ترجمان موجب وائرس جو شڪار ٿيندڙن ۾ 18 ڊاڪٽر ۽ 3 پيرا ميڊڪس به شامل آهن.سندس چوڻ هو ته بلوچستان ۾ هيل تائين 123 مريض صحتياب به ٿي چڪا آهن.واضح رهي ته صوبي ۾ هيل تائين ڪورونا وائرس ٻه حياتيون ڳڙڪائي چڪو آهي