ڪورونا سبب ملڪ ۾ وڌيڪ 45 ڄڻا فوت، 2794 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد (بيورو)ملڪ ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 2794 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته 45 فوتگيون پڻ سامهون آيون آهن.پاڪستان ۾ تازن ڪيسن کانپوءِ متاثرن جو گڏيل انگ 73 هزار 862 ٿي ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ فوتگين کانپوءِ فوتين جو ڪُل انگ 1565 ٿي ويو آهي.سنڌ ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 1402 ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ 22 فوتگيون به سامهون آيون.وڏي وزير سيد مراد علي شاهه موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران تازن ڪيسن کانپوءِ صوبي ۾ متاثرن جو گڏيل انگ 29 هزار 647 ٿي ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ 22 ڄڻن جي لاڏاڻي کانپوءِ فوتين جو گڏيل انگ 503 تي پهچي ويو آهي.پنجاب ۾ هڪ ڏينهن دوران ڪورونا جا 1184 ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ 22 فوتگين جي به تصديق ٿي آهي.صوبائي پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر ڊپارٽمينٽ ترجمان موجب پنجاب ۾ وڌيڪ 1184 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق کانپوءِ متاثرن جو گڏيل انگ 26 هزار 240 ٿي ويو آهي، جڏهن ته هيل تائين 497 ڄڻا لاڏاڻو ڪري چڪا آهن.سرڪاري انگن اکرن موجب اسلام آباد ۾ وڌيڪ 171 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي، جنهن کانپوءِ شهر ۾ متاثرن جو گڏيل انگ 2 هزار 589 ٿي ويو آهي.اسلام آباد ۾ ڪورونا وائرس سان وڌيڪ هڪ فوتگي کانپوءِ فوتين جو گڏيل انگ 28 ٻڌايو ويو آهيگلگت بلتستان ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ اوچتو واڌ ڏٺي وئي ۽ هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 33 ڄڻا مرض جو شڪار ٿيا آهن.تازن ڪيسن کانپوءِ علائقي ۾ هيل تائين متاثر ٿيندڙن جو انگ 711 ٿي ويو آهي.آزاد ڪشمير ۾ وڌيڪ 4 ڄڻن ۾ ڪورونا ڪيسن جي تصديق کانپوءِ متاثرن جو گڏيل انگ 251 مان وڌي 255 ٿي ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *