اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان ڀارت جو ذڪر ڪندي چيو آهي ته انڊيا وبا جي ڪري لاڪ ڊائون ۽ ڪرفيو لڳايو، جنهن جي ڪري ملڪ ۾ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدورن کي شديد ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو، جڏهن ته پاڪستان احساس پروگرام جي تحت ماڻهن کي رجسٽرڊ ڪيو ۽ ان جي جاچ پڙتال ڪئي ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايتري گهٽ وقت ۾ ماڻهن ۾ پئسا ورهايا ويا، وزيراعظم آءِ ايل او جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته وبا جي ڪري مستقبل هاڻ به غير يقيني آهي ۽ ان جي ڪري هن اجلاس جي اهميت وڌيڪ وڌي وئي آهي، دنيا معاشي بحران کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ اسان کي هن صورتحال ۾ مزدور طبقي کي بچائڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي جي ضرورت آهي، پاڪستان لاڪ ڊائون ڪيو ته شروع جي ٻن کان ٽن هفتن ۾ تمام گهڻي ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو، ماڻهو بک جي ڪري پريشان هئا، گڏيل حڪمت جي تحت ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪيو.