ڪراچي(اسٽآف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان هن بيماري جو مقابلو ڪري سگهي ٿو پر ان جي لاءِ وفاقي حڪومت کي پنهنجي سوچ ۾ ٿوري تبديلي آڻڻي پوندي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته الله جڏهن امتحان وٺندو آهي ته ان کي برداشت ڪرڻ جي به همت ڏيندو آهي. ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. اسان کي هن مشڪل وقت ۾ قائدن ۽ هدايتن تي عمل ڪرڻو آهي. ڊڄڻ جو ڪوبه سبب ناهي. پاڪستان هن بيماري جو مقابلو ڪري سگهي ٿو.مون کي خبر آهي ته اسان ۾ وائرس جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت آهي. وفاقي حڪومت پنهنجي سوچ ۾ ٿوري تبديلي آڻي. وفاق ۽ صوبن کي تنقيد ۽ پوائنٽ اسڪورنگ جي ڪابه ضرورت ناهي. حڪومت جي ذميواري آهي ته ماڻهن جي جانين ۽ معيشت کي بچائي. اسان کي ٻنهي محاذن تي جنگ وڙهڻي آهي. شهري هن مشڪل وقت ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين.