ڪورونا جا ڪيس لڪائڻ واري ڳالهه سئو سيڪڙو غلط آهي: ظفر مرزا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي صحت بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيس لڪائڻ جي ڳالهين کي رد ڪري ڇڏيو، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هُن چيو ته ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته ڊينگي کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي شروع ڪئي ۽ ڊينگي سوڌو ٻين بيمارين کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي سطح تي هڪ پروگرام آڻي رهيا آهيون، ڪورونا وائرس متعلق هُن چيو ته وائرس جا ڪيس لڪائڻ واري ڳالهه 100 سيڪڙو غلط آهي، هُن اپيل ڪئي ته عوام خوف نه پکيڙي ۽ هرو ڀرو ماسڪ جي پٺيان نه ڀڄڻ گهرجي، ڪا به غير ضروري شئي نه ڪئي وڃي، ڪا علامت نظر اچي ته 1166 تي رابطو ڪرڻ گهرجي، ظفر مرزا چيو ته جيڪڏهن اوهان جي ڪنهن ويجهي دوست يا مائٽ ۾ ڪورونا جي علامت آهي ته ان بابت به اطلاع ڪرڻ گهرجي، نزلي زُڪام کي ڪورونا نه سمجهڻ گهرجي، احتياطي اپاءُ ضرور وٺڻ گهرجن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *