ڪورونا اڄ وڌيڪ 20 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون، 1072 نوان مريض

اسلام آباد (بيورو) ملڪ ۾ اڄ ڪورونا سان وڌيڪ 20 ڄڻا فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ فوتين جو گڏيل انگ 1037 ٿي ويو، جڏهن ته نوان ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ متاثرن جو گڏيل انگ 49051 ٿي ويو آهي.ملڪ ۾ هيل تائين سڀ کان وڌيڪ 351 فوتگيون خيبر پختونخواهه ۾ ٿيون آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ 336، پنجاب ۾ 297، بلوچستان ۾ 38، اسلام آباد ۾ 10، گلگت بلتستان ۾ 4 ۽ آزاد ڪشمير ۾ هڪ ڄڻو لاڏاڻو ڪري ويو آهي.اڄ سڄي ملڪ مان هيل تائين ڪورونا جا وڌيڪ 1072 ڪيس سامهون آيا ۽ 20 فوتگيون به رپورٽ ٿيون آهن، جن مان سنڌ ۾ 960 ڪيس ۽ 20 فوتگيون، اسلام آباد ۾ 97 ڪيس، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 15 ڪيس ظاهر ٿيا آهن.خميس ڏينهن سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 960 مريض ۽ 20 فوتگيون رپورٽ ٿيون، جنهن جي تصديق وڏي وزير ڪئي.سيد مراد علي شاهه موجب صوبي ۾ متاثرن جو گڏيل انگ 19924 ۽ فوتين جو ڪُل انگ 336 ٿي ويو آهي.هن ٻڌايو ته وڌيڪ 680 ڄڻا صحتياب ٿيا آهن، جنهن کانپوءِ صحتياب ٿيندڙن جو انگ 6325 ٿي ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *