اسلام آباد ( بيورو ) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان کي دهشتگردن جي مدد ڪندڙ ملڪن جي لسٽ ۾ ڪو به شامل نه ٿو ڪري سگهي، عالمي برادريءَ کي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان جي قربانين جو اعتراف ڪرڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته اسان پنهنجي بجيٽ مان دهشتگرديءَ خلاف جنگ وڙهي رهيا آهيون ۽ جنگ ۾ ٿيندڙ سمورا خرچ پاڻ ڀري رهيا آهيون، ڪجهه ملڪ دهشتگرديءَ خلاف جنگ کي متاثر ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته ڀارت طرفان لائن آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي ڀارت کي گهرجي ته هو جنگبندي جي ٺاهه جي ڀڃڪڙي بدران مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪري. سندس چوڻ هو ته اي سي ايل کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جو سلسلو بند ٿي چڪو آهي، اسان سفارش جو جائزو وٺي نالو شامل ڪندا آهيون. احسن اقبال چيو ته مختلف کاتن طرفان ماڻهن جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو چيو ويندو آهي پر اسان مضبوط بنيادن تي ئي لاڳاپيل ماڻهن جو نالو لسٽ ۾ شامل ڪندا آهيون.