ڪوئٽا ريلوي اسٽيشن ڌماڪي ۾ شهيد ٿيلن جي جنازي نماز ڪوئٽا گيريزن ۾ ادا ڪئي وئي.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب، جنازي نماز ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير شرڪت ڪئي.
آءِ ايس پي آر وجب، جنازي نماز ۾ وفاقي گھرو وزير محسن نقوي، بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز بگٽي، عسڪري ۽ سول عملدار سميت شهرين ۽ فوجي آفيسر به موجود هئا.
جنازي نماز کانپوءِ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سي ايم ايڇ ڪوئٽا جو دورو ڪيو ۽ ڌماڪي جي زخمين سان ملاقات ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف زخمني جي حالت بابت ڄاڻ ورتي ۽ ساڻن ڀرپور همدردي جو اظهار ڪيو.
ان موقعي تي آرمي چيف دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ قومي عزم ۽ اداري جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جو چوڻ هو ته دهشتگردي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، دهشتگردي جي خاتمي جو مشن گڏيل عزم سان جاري رکيو ويندو.
جنرل سيد عاصم منير چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سمورن پاڪستانين جي ڀرپور حمايت جي ضرورت آهي.
ان کان اڳ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي ڪوئيٽا پهچڻ تي ڪور ڪمانڊر بلوچستان سندس آجيان ڪئي.