ڪوئيٽا (ڊيسڪ رپورٽ) ڪوئيٽا ۾ زوردار ڌماڪي جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪارن سوڌو 8 ڄڻا مارجي ويا ۽ 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. شاهراهه اقبال روڊ تي زوردار ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن پوليس اهلڪ/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 01
ارن سوڌو 8 ڄڻا مارجي ويا ۽ 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. ڌماڪي کان فوري پوءِ ريسڪيو ٽيمون ۽ سيڪيورٽي فورسز پهچي ويون. ڌماڪي واري جاءِ کي ڪڙو چاڙهي فوتين جا لاش توڙي زخمين کي مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪو ايڏو زوردار هو جو اُن جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو، جڏهن ته ڪيترين ئي گاڏين کي به نقصان پهتو آهي، اُن کانسواءِ ڀرپاسي موجود عمارتن جا شيشا به ٽٽي پيا آهن. ٻئي پاسي ڊي آءِ جي ڪوئيٽا عبدالرزاق چيما به 7 ڄڻن جي مارجڻ ۽ زخمين جي تصديق ڪندي چيو ته ڌماڪو آپگهاتي لڳي رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي گاڏين کي پڻ نقصان پهتو، جڏهن ته ڌماڪي وقت احتجاج جاري هو.سيڪيورٽي فورسز واقعي واري هنڌ جو گهيرو ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.هوڏانهن وزيراعظم عمران خان ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته هن زخمين کي بهتر طبي امداد جي فراهمي جون هدايتون جاري ڪيون آهن.