ڪوئيٽا ۾ مسجد اندر ڌماڪو، ڊي ايس پي سميت 13 ڄڻا شهيد

ڪوئيٽا(نيوز ڊيسڪ) بلوچستان هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردن جي نشاني تي: ڪوئيٽا ۾ مسجد اندر ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي سميت 13ڄڻا شهيد ٿي ويا، 10 کان وڌيڪ زخمي. سيٽلائيٽ ٽائون جي علائقي غوث آباد ۾ هڪ مسجد اندر ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي امان الله سميت 13ڄڻا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، ڌماڪي سبب نمازين ۾ ڀاڄ پئجي پئي، عمارت کي به سخت نقصان پهتو، پوليس ۽ سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، شهيدن جي لاشن ۽ زخمين کي سول اسپتال ۽ ٻين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو، جن مان ڪجهه جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *