ڪوئيٽا جي سبزي منڊي ۾ ڌماڪو،20 ماڻهو شهيد، اٺيتاليهه زخمي

ڪوئيٽا: (م ڊ)  ڏورانهين علائقي هزارگنجي سبزي منڊي ۾ ڌماڪي سبب 20 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 48 زخمي ٿي پيا.رپورٽ موجب ڪوئيٽا جي ڏورانهين علائقي هزار گنجي سبزي منڊي ۾ ڌماڪي سبب 2 ٻارن سميت 16 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 4 ايف سي اهلڪارن سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڌماڪو ايترو سخت هو جو ويجهين عمارتن کي به نقصان پهتو.ڊي آءِ جي ڪوئيٽا جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ مارجي ويلن ۽ زخمي ٿيندڙ هزارگنجي جي منڊي مان ڀاڄي ۽ فروٽ خريد ڪرڻ آيا هئا جڏهن ته ڌماڪو ريموٽ وسيلي ڪيو ويو يا ٽائم ڊيوائس هئي ان تي جاچ ڪري رهيا آهيون.لاشن ۽ زخمين کي بولان ميڊيڪل ڪمپليڪس ۽ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي آپريشن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، واقعي واري هنڌ بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي به طلب ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال دهشتگردي جي بزدلاڻي ڪارروائي ۾ قيمتي انساني حياتيون ضايع ٿيڻ تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته واقعي جي شهيند جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، انسانيت جا دشمن دهشتگرد ڪنهن رعايت جا مستحق ناهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *