ڪنڌڪوٽ ۾ ڊومڪي بنگوار تڪرار تان نوجوان قتل

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: عرفان علي کوسو/ ممتاز سنڌي)ڪنڌڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد اوڳاهي لاڙو ريلوي ڦاٽڪ وٽ  موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن نوجوان وشو بنگوار کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ آساني سان فرار ٿي ويا، اطلاع تي وارثن پهچي سندس لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ ماحول سوڳوار بڻجي ويو، قتل جو ڪارڻ ڊومڪي-بنگوار پراڻو خوني تڪرار ٻڌايو پيو وڃي، جڏهن ته پوليس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا ۽ قاتل واقعو ڪرڻ بعد آساني سان فرار ٿي ويا، ان سلسلي ۾ مقتول جي ڀاءُ شهزور بنگوار جو چوڻ هو ته نوجوان کي ناحق ماريو ويو آهي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *