ڪنڌرا: ڪلهوڙا-ڌاريجا ڌرين ۾ جهيڙو دوران گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيل نينگر دم ڏئي ڇڏيو

December 13, 2024 at 1:58 pm

ڪنڌرا ۾ جهيڙي دوران زخمي ٿيل نينگر لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي.

چار مهينا اڳ ڪلهوڙا ۽ ڌاريجا برادري جي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو هو.

جهيڙي دوران ڏهن ورهين جو ساجد زخمي ٿي پيو هو.

زخمي نينگر کي لاڙڪاڻي جي اسپتال داخل ڪرايو پيو هو، جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو.

اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

ڏهن ورهين جي ساجد جو لاش ڳوٺ درگاهي ورياهه پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

ٻڌايو پيو وڃي ته چار مهينا اڳ ڪلهوڙا ۽ ڌاريجا برادري جي ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ نينگر زخمي ٿي پيو هو، جيڪو علاج دوران اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي.

اي پيپر