لاهور (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان سول ايويئيشن ۽ پي آءِ اي جي آفيسرن جي تفريحي دوري جي وڊيو تي ورتل پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي ڪندي ريمارڪس ڏنا ته ڪنهن کي غريب عوامي جي ٽيڪسن جا پيسا برباد ڪرڻ نه ڏينداسين، چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ بينچ سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي وقتي ڊي جي سول ايويئيشن ۽ ٻين آفيسرن ٽڪيٽ ۽ ٻين خرچن جون رسيدون جمع ڪرايون، چيف جسٽس وقتي ڊي جي سول ايويئيشن ۽ آفيسرن تي ڪاوڙ ڪندي چيو ته هي عياشي لاءِ مفت جو ملڪ آهي، ڪيتريون ٽڪيٽون ورتيون ويون ۽ ڪيترو خرچ ٿيو، توهان کي اداري لاءِ اصول جوڙڻ گهرجي ها، چيف جسٽس وقتي ڊي جي کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان کي دعوت ڏني وئي هئي، توهان کي دعوت تي وڃڻ لاءِ پاڻ پنهنجي انسپيڪشن جي ڊيوٽي لڳائي ورتي، چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ناگا پربت ڏسڻ لاءِ تفريحي دوري تي ڪيترا آفيسر ويا، جنهن تي عدالت کي ٻڌايو ويو ته ڪل 42 آفيسر تفريحي دوري تي ويا ۽ 23 لک کان وڌيڪ خرچ ٿيو، چيف جسٽس چيو ته ڪنهن کي غريب عوام جي ٽِيڪس جا پيسا برباد ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، چيف جسٽس ٻڌڻي 31 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.