اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ ڪورونا پاڻمرادو ڪيس جي ٻڌڻي، چيف جسٽس طرفان قرنطينه سينٽرز ۾ سهولتن جي کوٽ تي ڪاوڙ جو اظهار، سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ۾ چيو ته ڪنهن کي به انساني حياتين جي ڳڻتي ڪونهي، سڀ پئسي سان کيڏي رهيا آهن، ڪورونا مريض کي دُنيا جهان جون دوائون ڏنيون وڃن ٿيون، قرنطينه سينٽرز ۾ واش روم ۽ پيئڻ جي پاڻي جي به سهولت نه آهي، ماڻهو ڪاوڙ مان سمنڊ پار پاڪستانين کي چئي رهيا آهن ته مري وڃو، پر ڏيهه واپس نه اچو، اسان جي ماڻهن کي جانورن کان به بدترين حالت ۾ رکيو پيو وڃي، حڪومت جو سڄو ڌيان شهرن تي آهي، ٻهراڙي ۾ ڪير به نه پيو وڃي، سمورا حڪومتي وسيلا ماڻهن تي خرچ ٿيڻ گهرجن، ٻڌڻي دوران اين ڊي ايم اي جو چيئرمين پيش ٿيو، ؟ سُپريم ڪورٽ ۾ ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ چين مان سامان گهرائيندڙ ڪمپني جو به ذڪر ٿيو، چيف جسٽس چيو ته هي ڊَيسٽو پاڪستان آرمي ڪهڙي شئي آهي، چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ۾ چيو آهي ته ڊيسٽو سرڪاري نه، پر ڪنهن آرمي آفيسر جي نجي ڪمپني هوندي، اين ڊي ايم اي چيئرمين عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو آهي ته ڊيسٽو ايس پي ڊي جي ذيلي ڪميٽي آهي، چيف جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته ٿرڊ ڪلاس شيون پرڏيهه مان گهرايون پيون وڃن، اسان کي معياري سامان گهرجي، اسان صوماليا ڏانهن وڃڻ باوجود بادشاهن جيان رهي رهيا آهيون.