ڪنهن جي به دماغ ۾ اهو خلل نه هجڻ گهرجي ته ڪراچي وفاق حوالي ٿيندو:وزيراعليٰ سنڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان شايد سپريم ڪورٽ کي پنهنجي قدمن جي حوالي سان صحيح طرح نٿا ٻڌائي سگهون، قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير جو چوڻ هو ته اڄ پوري قوم جشن آزادي ملهائي رهي آهي، ظلم ۽ ڪورونا جي ڪري ڪشميري آزادي جي تقريب سادگي سان ملهائي رهيا آهن، هن چيو ته سنڌ ڪورونا متعلق پوري ملڪ جي رهنمائي ڪئي آهي، سنڌ ۾ ٽيسٽنگ پوري پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، پر ڪورونا وائرس اڃان ختم ناهي ٿيو، اسان کي احتياط ڪرڻو آهي، هن چيو ته اسان شايد سپريم ڪورٽ کي پنهنجي قدمن جي باري ۾ صحيح ڳالهه نٿا ٻڌائي سگهون، 2009 ۾ 125 ملي ميٽر برسات پئي ته شاهراهه فيصل تي 3 ڏينهن پاڻي هو، هن ڀيري پاڻي 4 ڪلاڪ به نه بيٺو، ڪراچي جي نالن جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان 38 نالن جي سروي ڪري صفائي ڪري رهيا آهيون، نالا صاف ٿي وڃن ته مسئلا حل ٿي ويندا. ٻئي پاسي وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان جوهي ۾ ايف پي بند کي لڳل گهارن جو دورو، آبپاشي اختيارين طرفان ڪاڇي ۾ ٻوڏ ۽ بندن جي صورتحال تي بريفنگ، وڏي وزير چيو آهي ته برسات ۽ نئن جي پاڻي سبب ڪاڇي جا روڊ تباهه ٿي ويا، حڪومت پهرين رليف جو ڪم ڪري رهي آهي، اُن کانپوءِ متاثرن جي بحالي وارو آپريشن شروع ڪيو ويندو، ايف پي بند کي 8 گهارا لڳا هئا، جيڪي بند ڪرڻ بعد ايف پي بند جي مضبوطي جو ڪم جاري آهي، جوهي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل ڪيو ويو، هاڻي به اهڙي قسم جو حملو ٿيو ته پيپلز پارٽي سنڌ جي عوام سان گڏ هوندي، ڪنهن جي به دماغ ۾ اهو خلل نه هجڻ گهرجي ته ڪراچي وفاق حوالي ٿيندو، آئين ۽ قانون ۾ اهڙي ڪابه گنجائش نه آهي، ڪاڇي جي ٻوڏ متاثرن طرفان وڏي وزير جي گاڏي روڪي احتجاج، رليف ۽ ريسڪيو آپريشن شروع نه ٿيڻ جون دانهون، وڏي وزير طرفان ڪاڇي جي متاثرن کي مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *