ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ڪنهن به ڪرپٽ ماڻهو کي پارٽيءَ جي ٽڪيٽ نه ڏني ويندي. ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته ملڪ ۾ هٿياربند، معاشي، نظرياتي، سياسي ۽ چونڊن جي دهشتگردي آهي. هن چيو ته اڄ پاڪستانين جي هٿن ۾ آءِ ايم ايف جون هٿڪڙيون آهن. سراج الحق چيو ته جماعت اسلامي پاڪستاني قوم کي پرڏيهي قرضن مان ڇوٽڪارو ڏياريندي.