ڪنهن به هڪ شهري جي ڊيٽا ڪنهن به پليٽ فارم تان شيئر ناهي ڪئي وئي:ڊي جي نادرا

اسلام آباد(بيورو)نادرا عملدارن شهرين جي ڊيٽا ليڪ بابت سمورن الزامن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.اسلام آباد ۾ نادرا جي 4 ڊائريڪٽر جنرلز گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڪنهن به هڪ شهري جي ڊيٽا ڪنهن به پليٽ فارم تان شيئر ناهي ڪئي وئي. ڊي جي نادرا ذوالفقار علي جو چوڻ هو ته اڄ تائين نادرا جي تاريخ ۾ ڪا ڊيٽا ليڪ ناهي ٿي. هن ٻڌايو ته ڪرپشن تي ڪڍيل اڳوڻي آفيسر سيد مظفر پاران الزام لڳايا ويا ۽ هڪ سال اڳ هڪ انٽرنل اي ميل هڪ ٽي وي تي هلائي وئي.هن چيو ته ڪنهن بيان جي ترديد ڪري رهيا آهيون نه تصديق، ان اي ميل جو ڊيٽا ليڪ ٿيڻ سان ڪو تعلق ناهي. ذوالفقار علي چيو ته انٽرنيٽ ووٽنگ جي پريزنٽيشن پاڻ سيد مظفر علي ڏيڻ ويو هو. هن چيو ته ماضي ۾ به ايئن ٿيندو رهيو آهي ته اليڪشن وقت ڪوڙا الزام لڳايا ويندا آهن. هن چيو ته جيترا به ٻٽي شهريت وارا اداري ۾ آهن ان بابت عدالت کي ٻڌايو ويو آهي.ڊي جي نادرا چيو ته هر سال اداري جي آڊٽ ٿيندي آهي ۽ اسان اليڪشن ڪميشن کي وضاحت ڏئي چڪا آهيون ته ڪنهن به هڪ شهري جو رڪارڊ ڪنهن جي هٿان شيئر ناهي ٿيو. هن چيو ته اداري جي ساک لاءِ جيڪي به قدم کڻڻا پيا اهي کڻنداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *