اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم ميان نواز شريف مون سون بارشن دوران سيلاب جي خطري کي نظر ۾ رکندي اين ڊي ايم ۽ صوبائي حڪومتن کي هاءِ الرٽ رهڻ ۽ هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، وزير اعظم اين ڊي ايم ۽ صوبائي حڪومتن کي بارشن جي دوران هنگامي صورتحال سان منهن ڏيڻ جي حوالي سان سموريون تياريون مڪمل رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، وزير اعظم چيو ته مون سون جي موجوده سلسلي سان منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، ڪنهن به نا خوشگوار صورتحال پيدا ٿيڻ جي صورت ۾ مڪمل طور تي تيار رهڻ گهرجي، جتي نقصان جو انديشو هجي اتان جي مقامي آبادي کي ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو وڃي، واضع رهي ته موسميات کاتي ملڪ اندر مون سون جي بارشن جي اڳت ڪٿي ڪري ڇڏي آهي