ڪنري لڳ اغوا ڄاڻايل نارين شاديون ڪري ڇڏيون، نابالغ آهن نڪاح نٿو ٿي سگهي: والدين

ڪنري (رپورٽ: انيل ڪمار مڪواڻا) ڪنري ڀرسان ميمڻ ناڪي جي ڳوٺ چوڌري سرور آرائين مان 2 ڀينرون 13 سالن جي عاصما راڄپوت ۽ 14 سالن جي آمنا مبينا طور اغوا ٿي ويون، نينگرين جي والد منير احمد راجپوت ڪنري ٿاڻي پھچي چئن جوابدارن خلاف نينگرين جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي، ڪيس ۾  علي بخش ماڇي، پنهون ماڇي، حسين بخش ۽ امام بخش ماڇي جوابدار طور نامزد ڪندي ڄاڻايو آھي ته جوابدارن هٿن ۾ ڪھاڙيون کڻي گهر ۾ داخل ٿي منھنجي ڌيئرن آمنا ۽ عاصما کي ڪار ۾ وجھي ورغلائي اغوا ڪري کڻي ويا. هن ڄاڻايو آھي ته سندس ڌيئرن جي  عمر ننڍي آھي ۽ جوابدارن انهن کي ورغلائي نڪاح ڪيو آھي، جڏھن ته نينگرين جي نادرا جو ب فارم ۽ اسڪول جا سرٽيفيڪٽ پڻ موجود آھن جنھن مطابق به سندس ڌيئرون نابالغ آھن، جانچ ڪري ساڻس انصاف ڪيو وڃي، ٻئي پاسي مبينا اغوا ڄاڻايل آمنا ۽ عاصما جا نڪاح ناما سوشل ميڊيا ذريعي منظرعام تي اچي ويا آھن، جنھن مطابق ٻنھي نينگرين جو نوجوانن سان نڪاح ٿي ويو آھي، ناري آمنا راجپوت نوجوان علي بخش ماڇي سان حيدرآباد ۾ پسند جو پرڻو ڪري نڪاح ڪري ڇڏيو آھي جڏھن ته سندس ڀيڻ عاصما راجپوت نوجوان پنهون ماڇي سان نڪاح ڪري ورتو آھي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *