واشنگٽن (م ڊ) اتر ڪوريا جو اعليٰ ترين سرڪاري آفيسر ڪم يونگ چول واشنگٽن پهچي ويو آهي، جتي هو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڪم جونگ ان جي ملاقات جي سلسلي ۾ ڳالهيون ڪندو. ڏکڻ ڪوريا جي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته اتر ڪوريا جو ٽاپ آفيشل ڪم يونگ چول بيجنگ کان واشنگٽن لاءِ روانو ٿيو جتي هو اڄ آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو سان ملاقات ڪندو. مائيڪ پومپيو ۽ اتر ڪوريا جي اعليٰ ترين آفيسر وچ ۾ ملاقات واشنگٽن جي هڪ مقامي هوٽل ۾ ٿيندي جنهن دوران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڪم جونگ ان جي ملاقات جي حتمي تاريخ ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. ٻنهي ملڪن طرفان اڃا تائين ملاقات بابت ڪنهن تاريخ جو اعلان ناهي ڪيوويو جڏهن ته آمريڪي صدر ڪيئي ڀيرا چئي چڪو آهي ته هو ڪم جونگ ان سان ملاقات ڪندو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تڪرار باوجود ٽرمپ کيس ڪيئي خط به لکي چڪو آهي. ياد رهي ته گذريل سال جون ۾ ٻنهي ملڪن جي سربراهن وچ ۾ سنگاپور ۾ ملاقات ٿي هئي جنهن جي نتيجي ۾ اتر ڪوريا ۽ ڏکڻ ڪوريا جي سربراهن عالمي مبصرن جي موجودگي ۾ خطي کي ايٽمي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ۽ باظابطا طور هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون هيون.