ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪميٽي بعد سب ڪميٽي ٺاهي ويندي، بس ڪميٽيون نتيجا کڻي ويهي رهنديون، ڇا آدم شماري جي نتيجن ۾ دير ٿيڻ ڪو مسئلو نه آهي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان آدمشماري جا نتيجا پڌرا نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار، جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته رڪارڊ موجب گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي ٻن مهينن ۾ حتمي نتيجن جو جائزو وٺڻو هو، هڪ پاسي چئو ٿا ته بلدياتي چونڊون ٿين، ٻئي پاسي آدم شماري جا نتيجا پڌرا نٿا ڪيا وڃن، ٻڌايو وڃي ته نتيجن جو نوٽيفڪيشن جو جاري ناهي ڪيو ويو، ٻڌڻي دوران سي سي آءِ جي نمائندي طرفان مهلت گهرڻ تي عدالت چيو ته 8 مهينا گذرڻ باوجود آدم شماري جي نتيجن جو جائزو نه ورتو ويو، اڄ به چيو پيو وڃي ته وڌيڪ وقت ڏنو وڃي، ڇا مڪاني چونڊون نه ڪرائڻيون آهن؟ اليڪشن ڪميشن بلدياتي چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهي، هاڻي وفاقي حڪومت جي مرضي آهي، مڪاني چونڊون نٿا ڪرائڻ چاهيو ته پوءِ سڀ ائين ويٺا هوندا؟ عدالت سي سي آءِ جي اجلاس ۽ آدم شماري جي نتيجن بابت رپورٽ 13 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتي.