ڪراچي (هه آ) ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن واري وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو آهي ته اها تجويز غور هيٺ آهي ته ڪنهن به گاڏي جي ملڪيت جي تبديلي لاءِ گاڏي وڪرو ڪندڙ ۽ خريد ڪندڙ ٻئي ڌريون صحي لاءِ موٽر رجسٽريشن اٿارٽي جي روبرو حاضر ٿين ته جيئن شفافيت کي برقرار رکي سگهجي ۽ ڪا به اڻوڻندڙ صورتحال جنم نه وٺي. اها ڳالهه اڄ هن پنهنجي آفيس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ سيڪريٽري ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن عبدالحليم شيخ ۽ ڊائريڪٽر جنرل شعيب احمد صديقي به شرڪت ڪئي. هن چيو ته ڊيٽا اسڪين ڪرڻ لاءِ ايس او پي تيار ڪئي پئي وڃي ته جيئن ڪنهن فرم جون مشاورتي خدمتون حاصل ڪيون وڃن ۽ اها تجويز به زير غور آهي ته ڪمرشل ۽ نان ڪمرشل گاڏين جي نئين رجسٽريشن ۽ ڊپليڪيٽ نمبر پليٽس به ريجن سطح جاري ڪئي وڃي ته جيئن گاڏين جي مالڪن کي سهولت ٿئي. صوبائي وزير چيو ته نيلام ٿيل گاڏين جي رجسٽريشن جي سهولت ريجن سطح تي فراهم ڪرڻ جي ڪاوش ڪئي پئي وڃي. صوبائي وزير آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو شفافيت کي برقرار رکن. گاڏين جي مالڪن کي سهولت فراهم ڪن ۽ جيڪڏهن ڪير به آفيسر ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي يا بدعنوانين ۾ ملوث ڏٺو ويو ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ڊائريڪٽر جنرل شعيب احمد صديقي ۽ صوبائي وزير کي کاتي ۾ جاري اسڪيمن جي باري ۾ آگاهه ڪيو جنهن تي صوبائي وزير پنهنجي اطمينان جو اظهار ڪيو.