هيگ (مانيٽرنگ ڊيسڪ): ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو کي سزا جي معاملي تي هيگ ۾ واقع عالمي عدالت انصاف ۾ ٻڌڻي دوران پاڪستان موقف اختيار ڪيو آهي ته پاڪستان دهشتگردن کان نه ڊڄندو، عوام ۽ سرزمين جي حفاظت لاءِ سمورا قانوني ذريعا ستعمال ڪنداسين، عالمي عدالت انصاف ۾ پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جي آفيسر ڊاڪٽر فيصل پاڪستان طرفان موقف پيش ڪيو، هن چيو ته ڪلڀوشن ياديو پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪرائڻ جي سازش ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي، ان جي پاسپورٽ تي ان جو مسلم نالو لکيل آهي، عالمي عدالت کي ڪلڀوشن جي اعترافي بيان جي وڊيو ڏسڻ گهرجي، ان کان اڳ ڪلڀوشن جي پاسپورٽ کي عالمي عدالت انصاف ۾ وڏي اسڪرين تي ڏيکاريو ويو، جڏهن ته ڀارت ڪلڀوشن جي پاسپورٽ جي معاملي تي خاموشي اختيار ڪئي، پاڪستان ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي موت جي سزا خلاف ڀارتي درخواست تي عالمي عدالت جي دائره اختيار کي چئلينج ڪري ڇڏيو، عالمي عدالت انصاف ۾ پاڪستاني وڪيل خاور قريشي دليل ڏيندي استدعا ڪئي ته عالمي عدالت ڪلڀوشن معاملي تي ڀارت جي درخواست رد ڪري ڇڏي، خاور قريشي پنهنجي دليلن ۾ چيو ته جاسوس ڪلڀوشن ياديو جو معاملو هنگامي نوعيت جو ناهي، اهو قونصلر رسائي جو حق نٿو رکي، هن چيو ته ڀارت ڪلڀوشن ياديو جي پاسپورٽ تي ڪو ردعمل نه ڏنو، ڀارت پنهنجي دليلن ۾ غلط بياني ڪئي ۽ تضاد کان ڪم وٺي رهيو آهي، خاور قريشي چيو ته ڪلڀوشن ياديو کي بلوچستان جي علائقي مان گرفتار ڪيو ويو، ڀارت پاڪستان طرفان فراهم ڪيل شاهديون عالمي عدالت سامهون پيش ناهن ڪيون، خاور قريشي چيو ته ويانا ڪنوينشن تحت عالمي عدالت انصاف جو دائره اختيار محدود آهي، عالمي عدالت انصاف ذريعي ڪلڀوشن کي رليف نٿو ڏئي سگهجي، دهشتگرد کي سزا ڏيڻ سمورن ملڪن جي ذميداري آهي، هن چيو ته پاڪستان ڪلڀوشن جي جاچ بابت معلومات ڀارت کي ڏني پر جواب نه آيو، عالمي عدالت انصاف ڀارت جي درخواست تي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.