اسلام آباد: (بيورو) عالمي عدالت ۾ ڀارتي جاسوس ڪمانڊر ڪلڀوشن ياديو جي ڪيس جو محفوظ فيصلو هلندڙ مهيني جي آخر تائين ٻڌائڻ جو امڪان آهي.رپورٽ موجب عالمي عدالت ڀارتي جاسوس بابت ڪيس جو فيصلو 21 فيبروري تي محفوظ ڪيو هو. سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته عالمي عدالت جو فيصلو هلندڙ مهيني جي آخر تائين ٻڌائڻ جو امڪان آهي، پاڪستاني اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪيس بهتر طريقي سان وڙهيو، اميد آهي ته فيصلو حق ۾ ايندو.ڪلڀوشن ياديو کي 3 مارچ 2016ع تي حساس ادارن بلوچستان جي علائقي ماشڪيل مان گرفتار ڪيو هو، فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل پاڪستان آرمي ايڪٽ جي تحت ڀارتي جاسوس جو ٽرائل ڪيو ۽ موت جي سزا ٻڌائي.ڪلڀوشن جي گرفتاري کانپوءِ پنهنجي وڊيو بيان ۾ اعتراف ڪيو هو ته هن 2003ع ۾ انٽيليجنس آپريشنز جي شروعات ڪئي ۽ چاهه بهار ايران ۾ ڪاروبار شروع ڪيو جتي سندس سڃاڻپ ڳجهي هئي، ڪلڀوشن ياديو 2003ع ۽ 2004ع ۾ ڪراچي جا دورا ڪرڻ جو اعتراف به ڪيو هو.