اسلام آباد( بيورو ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته ڪلڀوشن ياديو جي ڦاهي تي منع نامو، عالمي عدالت جو آخري فيصلو ناهي، ڀارتي جاسوس جي ڦاهي جي عمل کي آخري فيصلي تائين روڪڻ هڪ قانون ۽ معمول جو حڪم آهي، اڃا ته عالمي عدالت جي اختيارن واري دائري تي دليل باقي آهن، عالمي عدالت اپيل ڪورٽ جو ڪردار ادا نه ٿي ڪري سگهي. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان نفيس ذڪريا چيو ته والاريل ڪشمير ۾ جعلي پوليس مقابلن دوران هزارين بيگناهه ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو، هزارين ڪشميري گم آهن، ڀارتي فوج طرفان ڪشميرين کي انساني ڍال طور استعمال ڪرڻ غير انساني فعل آهي. هن چيو ته پاڪستاني حڪومت والاريل ڪشمير طرفان گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي تنظيمن جو ڌيان ڌڪايو آهي، انساني حقن جي تنظيمن به ڀارتي آرمي چيف جي بيان کي ظالماڻو قرار ڏنو آهي. سندس چوڻ هو ته ڀارتي گهرو وزير طرفان ڪشمير جي مستقل حل جو بيان ان جو عملي ثبوت نه آهي، هن ڀارتي آرمي چيف جي بيان جي پس منظر ۾ بيان ڏنو آهي.