ڪلڀوشن معاملي ۾ حڪومت جي نااهلي نظر اچي رهي آهي: خورشيد شاهه

 اسلام آباد:(بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته ڪلڀوشن جي معاملي تي حڪومت جي نااهلي نظر اچي رهي آهي ۽ عالمي عدالت جو فيصلو پاڪستان لاءِ وڏو ڌچڪو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن جي معاملي تي حڪومت جي نااهلي نظر اچي رهي آهي ۽ حڪومت خاموش ويهي ڪلڀوشن کي واڪ اوور ڏيڻ چاهي پئي. خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه طرفان چيو ويو ته پاڪ فوج عالمي عدالت ۾ وڪيل مقرر ڪيو آهي پر فوج کي عدالتي معاملن ۾ گهڻو تجربو ناهي هوندو، حڪومت طرفان عالمي عدالت ۾ وڪيل نه ڪرڻ سبب شڪ وڌي ويا آهن. هن چيو ته حڪومت طرفان ڀارتي واپاري سجن جندال جي ملاقات کي خفيه رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، وزيراعظم يا ترجمان سجن جندال بابت ڪا وضاحت پيش نه ڪئي وئي. اپوزيشن ليڊر جو وڌيڪ چوڻ هو ته وزيراعظم جي سجن جندال سان ملاقات ۾ ڪلڀوشن جي سزا بابت ڳالهه ٻولهه ٿي هوندي جنهن تي وزيراعظم چيو هوندو ته سڀ ڪجهه فوج ڪري رهي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ جو پرڏيهي معاملن وارو وزير هجي ها ته اهو فيصلا ڪري ها پر وزيراعظم اها وزارت پاڻ وٽ رکي آهي ۽ ڪلڀوشن جي معاملي تي پنهنجون ذميواريون به پوريون نه ڪيون. هن چيو ته ڪلڀوشن معاملي تي عالمي عدالت جو فيصلو پاڪستان لاءِ ڌچڪو آهي پر ڀارتي جاسوس بابت هاڻي قوم فيصلو ڪندي ڇوجو ان جو تعلق ملڪي سلامتي سان آهي. هن نيوز ليڪس ڪميشن جي رپورٽ پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو مطالبو به ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *