ڪلڀوشن جي گهر واريءَ سان ملاقات بابت اڃا ڪو به فيصلو نه ٿيو آهي: پرڏيهي ترجمان
December 4, 2017 at 3:26 am![](http://dailynawaisindh.com/wp-content/uploads/2017/11/FO.jpg)
اسلام آباد( بيورو ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته ڪلڀوشن ياديو جي معاملي تي ڀارت جو جواب ملي ويو آهي پر سندس گهر واري جي معاملي تي ڪو به فيصلو نه ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ڊاڪٽر فيصل چيو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون جاري آهن، هڪ هفتي دوران ڪيترن ئي نوجوانن کي شهيد ڪيو ويو آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڪيميائي هٿيار استعمال ڪرڻ تي کين ڳڻتي آهي، واديءَ ۾ ڪيميائي هٿيار استعمال ڪرن جون خبرون اڳ به اينديون رهيون آهن، ڪيميائي هٿيارن جو استعمال عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي، معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته نئين آمريڪي پاليسي سان پاڪ آمريڪا رابطن ۾ تيزي آئي آهي، اسان پاڪ آمريڪا ڳالهين کي هاڪاري سمجهون ٿا، آمريڪي بچاءَ وارو وزير به پاڪستان اچي رهيو آهي. ڊاڪٽر فيصل چيو ته جنرل نڪلسن جا بيان نوان نه آهن، سندس بيانن سان اڳ به اختلاف ڪري چڪا آهيون. هن چيو ته پاڪستان اسلامي اتحاد کي تجربن مان فائدو پهچائڻ جي آڇ ڪئي آهي، فوجي اتحاد جي بچاءَ وارن وزيرن جي پهرين اجلاس ۾ اهم شين تي غور ڪيو ويو، شدت پسندي کي منهن ڏيڻ ۽ ميڊيا مهم تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جڏهن ته دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ سهڪار ۽ گڏيل مشقن تي غور ڪيو ويو. هن چيو ته حافظ سعيد کي عدالت آزاد ڪيو آهي، افغانستان ۾ ڏوڏي جي پوک تي کين يقين آهي، آفيم ۽ ڏوڏي دهشتگردن جي آدنيءَ جو وڏو ذريعو آهي، افغان حڪومت ۽ اتحادي فوج کي عالمي ٺاهن موجب قدم کڻڻ گهرجن.