ڪلين ڪراچي مهم ختم: 30 ڪروڙ خرچ آيو: 10 لک ٽن ڪچرو ٺڪاڻي لڳائڻ جي دعويٰ

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران ڪراچي واري صفائي مهم تي 30 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيڻ ۽ 10 لک 11 هزار 79 ٽن ڪچرو ميڙڻ جي دعويٰ، ان ڏس ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد شاهه پاران هڪ مهينو اڳ شروع ڪيل ڪلين ڪراچي مهم ڪالهه پڄاڻي تي پهتي، جنهن دوران شهر جي مختلف علائقن ۾ ضلعي انتظاميا ۽ زيڊ ايم سيز سان ملي صفائي ڪرائي وئي، صفائي جي حوالي سان سنڌ حڪومت دعويٰ ڪئي آهي ته ٽن مختلف جي ٽي ايس تي 5 لک 40 هزار ٽن ڪچرو پهچايو ويو، جڏهن ته ساڍا چار لک ٽن ڪچرو لينڊ فل سائيٽن تي پهچايو ويو، جڏهن ته ننڍن وڏن نالن جي صفائي پڻ ڪرائي وئي، سنڌ حڪومت پاران مختلف علائقن ۾ ٽي مستقل جي ٽي ايس ۽ ڌاٻيجي ڀرسان هڪ لينڊفل سائيٽ پڻ قائم ڪئي وئي، جڏهن ته ڪچري مان بجلي پيدا ڪرڻ واري منصوبي تي پڻ ڪم شروع ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪلين ڪراچي مهم دوران ڪراچي ۾ صفائي ٿي، جڏهن ته صفائي جي حوالي سان آگاهي مهم پڻ هلائي وئي، جنهن ۾ شاگردن ۽ سماج سڌارڪن کي به شامل ڪيو ويو هو، سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ قانون تي عمل ڪرائڻ سان گڏ پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي پابندي لاڳو ڪئي وئي، انهي سموري سرگرمي تي سنڌ حڪومت پاران 30 ڪروڙ روپيا خرچ ڪيا ويا، جڏهن ته شاهراهه فيصل کان قائد آباد تائين پلن کي پڻ وائيٽ واش ( رنگ )ڪيو ويو، هاڻي ڊي ايم سيز ۽ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ پنهنجو ڪم جاري رکندا، جڏهن ته واٽر بورڊ گٽر نالن جي صفائي جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *