ڪليم امام پي ٽي آءِ جي ٿي ويو آهي، لڳي ٿو ڪنهن وڏي چيو اٿس ته تون لڳو رهه، اسان توسان گڏ آهيون: سعيد غني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار آءِ جي سنڌ ڪليم امام جي سازش ۽ سولائيءَ سان نه وڃڻ واري تقرير تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته اهڙي آءِ جي کي قبول نه ڪيو ويندو، جيڪو حڪومت خلاف سازشون ڪري. سعيد غني ڪليم امام کي پي ٽي آءِ جي ڪوٺيندي چيو آهي ته ڪليم امام جي تقرير مان لڳي ٿو ته مٿس ڪنهن وڏي ماڻهو جو هٿ آهي. سُڌ سماءَ واري وزير سعيد غني پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته آءِ جي ڪليم امام جي تقرير مان لڳي ٿو ته باهه اوڏانهن به لڳل آهي، اسان اهڙي ڪنهن آفيسر کي قبول نه ڪنداسين، جيڪو سنڌ سرڪار خلاف سازشون ڪري. ڪليم امام پي ٽي آءِ جوائنڪري حليم عادل شيخ بڻجي اسان جي خلاف باضابطا طور ڇو نٿو اچي؟ آءِ جي ڪليم امام جي باري ۾ سنڌ حڪومت جا خدشا روزانو صحيح ثابت ٿي رهيا آهن، رولز موجب کيس تقرير ڪرڻي ئي نه آهي. صوبائي وزير سعيد غني جو چوڻ آهي ته سنڌ ڪابينا طرفان بي اعتمادي ظاهر ڪرڻ کانپوءِ ڪليم امام آءِ جي سنڌ نٿو رهي سگهي، آءِ جي سنڌ جي تبديليءَ جي معاملي تي اپوزيشن کي پيٽ ۾ سور پوڻ سان لڳي ٿو ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي، ڪليم امام پي ٽي آءِ جي بڻجي ويو آهي، تڏهن ته اعتماد سان چئي رهيو آهي ته سنڌ مان وڃڻ کانپوءِ هو ڪنهن وڏي عهدي تي پهچي ويندو. صوبائي وزير چيو ته آءِ جي ڪليم امام کي سياست جو شوق آهي ته عهدو ڇڏي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي وڃي، آءِ جي سنڌ جي ڳالهين مان لڳي ٿو ته ڪليم امام جي مٿان ڪو وڏو هٿ آهي، جنهن کيس چيو آهي ته لگي رهو، هم تمهاري ساٿ هين. سنڌ شايد ويڳو صوبو آهي ۽ هتي پوئين درجي جا شهري آهن، تنهن ڪري آءِ جي سنڌ جي تبديليءَ جو فيصلو وفاقي ڪابينا ڪندي،باقي ٻين صوبن ۾ ته وزيراعظم پاڻ آءِ جي مقرر ڪندو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *