ڪلوئي بعد ٿرپارڪر جي ٻين علائقن کي به گيس فراهم ڪئي ويندي:سيد مراد علي شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٿرپارڪر ضلعي جي شهر ڪلوئي کي گيس فراهمي جي فزيبلٽي رپورٽ تيار ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته ڪلوئي بعد ٿرپارڪر جي ٻين علائقن کي به گيس فراهم ڪئي ويندي. ڪلوئي شهر کي گيس فراهم ڪرڻ جي گذارش پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ اسيمبلي ميمبر سريندر ولاسائي طرفان ڪئي وئي هئي ۽ ان سلسلي ۾ ئي هن وڏي وزير سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وڏي وزير ۽ اڳواڻ پيپلز پارٽي سان اتفاق ڪيو ۽ صوبائي توانائي واري کاتي کي فوري فزيبلٽي رپورٽ بڻائڻ جي هدايت ڏني. گيس فراهمي بعد ڪلوئي شهر ضلعي ٿرپارڪر جو شهر هوندو جنهن کي قدرتي گيس جي سهولت ملندي. ملاقات دوران سريندر ولاسائي وڏي وزير اِها به درخواست ڪئي ته نون شادي شده جوڙن جي لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ جي فيس معاف ڪئي وڃي ۽ ان سلسلي ۾ نادرا سان رابطو ڪيو وڃي. صوبائي اسيمبلي جي ميمبر سريندر ولاسائي ٻڌايو ته ڏڪار سٽيل ٿرپارڪر ۾ شادي شده جوڙا رڳو ان ڪري مفت ڪڻڪ حاصل ناهن ڪري سگهندا ڇو ته انهن وٽ سڃاڻپ ڪارڊ ناهن هوندا. جنهن تي وڏي وزير ٿرپارڪر جي ڊپٽي ڪمشنر کي ان ضمن ۾ جلد پرپوزل بڻائي موڪلڻ جي به هدايت جاري ڪري ڇڏي ۽ چيو ته سنڌ حڪومت اهڙن جوڙن کي نوان سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جي فيس نادرا کي ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *