اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪفايت شعاري، بدعنواني جو خاتمو ۽ ميرٽ جي بالادستي ترجيحن ۾ شامل آهي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ عمران خان جو چوڻ هو ته اسان گورننس کي تبديل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون، گذريل ڏينهن پنجاب جي وڏي وزير، صوبائي ڪابينا ۽ بيورو ڪريسي سان ٿيندڙ ملاقات فائديمند رهي، سڀني تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ڪفايت شعاري، بدعنواني جو خاتمو ۽ ميرٽ جي بالادستي ترجيحون آهن ۽ 100 ڏينهن واري پروگرام جا هدف حاصل ڪرڻ کي ترجيح ڏني ويندي. هن چيو ته ڪي پي پوليس جي اڳوڻي آءِ جي ناصر دراني سان به ملاقات ٿي، هن ڪي پي پوليس ۾ سڌارا آندا هئا. ناصر دراني پنجاب پوليس ۾ سڌارن جي ٽاسڪ فورس جي سربراهي ڪري رهيو آهي، پنجاب پوليس کي غير سياسي بڻائڻ پهرين ترجيح هجڻ گهرجي.27