ڪراچي(اسٽاف رپورتر) ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ سنڌ جي گورنر ۽ وڏي وزير جي اڳواڻي ۾ ڪراچي کان ريلي ڪڍي وئي.ريلي ۾ موجود شاگردن ۽ استادن ڪشمير بڻجندو پاڪستان جا نعرا لڳايا. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪشمير کي پاڪستان جو حصو بنائي رهنداسين. مودي هٿين خالي مسلمانن کي ظلم ۽ بربريت جو نشانو بنايو، قائداعظم جو ٻه قومي نظريو بالڪل صحيح هو، پوري دنيا کان اپيل ڪريون ٿا ته ڪشميري عوام تي ڀارت جي ظلم جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ مودي جي خلاف انصاف جي عالمي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو وڃي.سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو ته ڪشمير کي دنيا جي سڀني کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. وزيراعظم پوري دنيا ۾ ڪشمير ڪاز کي اجاگر ڪيو. تڪراري شهريت واري بل سان ڀارت وڌيڪ ٽڪڙن ۾ ورهائجي ويو. پاڪستان سڄي دنيا ۾ ڪشمير جو مسئلو بهتر انداز ۾ اٿاريو آهي. ڀارت کي پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته ڪشمير بڻجندو پاڪستان.