ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي  جنهن کي ڀارت جي ڄار مان آزاد ڪرائي پاڪستان کي مڪمل ڏسڻ چاهيون ٿا: سراج الحق

اسلام آباد(بيورو) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي جنهن کي ڀارت جي ڄار مان آزاد ڪرائي پاڪستان کي مڪمل ڏسڻ چاهيون ٿا. آب پارا چوڪ تي ڪشميرين سان ٻڌي جي مناسبت سان ٿيل جلسي کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته پاڪستان جي شهه رڳ دشمن جي قبضي ۾ آهي جنهن کي دشمن جي ڄار مان آزاد ڪرائڻ پهرين ترجيح آهي. جماعت اسلامي جي امير چيو ته ڪشميري پاڻ کي پاڪستاني چوندا آهن ۽ ڪشمير کي پاڪستان جو حصو مڃون ٿا پر ڀارت ڪشمير تي ناجائز قبضو ڪري رکيو آهي جنهن جي خلاف ڪشميري تحريڪ آزادي هلي رهي آهي.  هن چيو ته ڪشميرين جي حق خوداراديت لاءِ هڪ هڪ پاڪستاني پنهنجي ڪشميري ڀاءَ سان گڏ آهي ۽ سموري اخلاقي سپورٽ لاءِ تيار آهيون ڇو ته ڪشميرين سان رشتو ڪلمي جي بنياد تي آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان کي سوچڻو آهي ته ڪشمير جي آزادي لاءِ اسان کي ڇا ڪرڻو آهي؟ ڀارت مان درياهن ۾ ڪشميرين جو رت شامل آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *