راولپنڊي(۾ ڊ): آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان آزاد ڪشمير جي مختلف تعليمي ادارن جي شاگردن ملاقات ڪئي آهي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته ڪشمير محض جغرافيائي مسئلو ناهي.ڪشمير اسان جي روح جو حصو آهي. ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهيون. انهن کي ڪڏهن به مايوس نه ڪنداسين.هن چيو ته ڪشمير مسئلو ڪشميرين جي مرضي ۽ گڏيل قومن جي قرادادن موجب حل ٿيڻ گهرجي. ڪشميرين تي ڀارتي فوج جي ظلم انساني حقن جي خلاف ورزي جي بدترين مثال آهي.آرمي چيف وڌيڪ چيو ته نوجوان مستقبل جي قومي قيادت بڻجڻ جي لاءِ سخت محنت ڪن. سخت محنت جي ڪري توهان کي ملندڙ ڪاميابي درحقيقت پاڪستان جي ڪاميابي آهي.