ڪشميري ڪنهن سان رهڻ چاهين ٿا پاڪستان ۾ ريفرنڊم ڪرايو وڃي: ڀارت

نئين دهلي (اين اين آءِ) ڀارت چيو آهي ته پاڪستان ۾ ان حوالي سان ريفرنڊم ٿيڻ گهرجي ته ان جا شهري اتي رهڻ چاهين ٿا يا ڀارت سان گڏ ڀارت هميشه کان پرامن لاڳاپا قائم ڪرڻ چاهي ٿو پر اهو پاڪستان ئي آهي جيڪو ان لاڳاپن ۾ بگاڙ پيدا ڪري ٿو ان کي دهشتگردن ۽ انهن ماڻهن کي روڪڻ گهرجي جيڪي ڪشمير ۾ ريفرنڊم جو مطالبو ڪري رهيا آهن هاڻي دنيا ڀارت کي ڪمزور ملڪ جي طور تي شمار نٿي ڪري سرجيڪل اسٽرائڪ جي ذريعي اسان دنيا کي ڏيکاري ڇڏيو آهي ته اسان به مضبوط ايڪشن وٺي سگهون ٿا ڀارت امن پسند آهي پر ڪمزور ملڪ نه آهي جيڪڏهن ڪنهن اسان کي هٿ به لاٿو ته اسان ان کي نه ڇڏينداسين پرڏيهي خابرو اداري مطابق گذريل ڏينهن رياست اتر کنڊ جي شهر هريدوار ۾ هڪ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ڀارتي پرڏيهي وزير راجناٿ سنگهه چيو ته ڪشمير هميشه کان هندستان سان هو ۽ ان جو ئي حصو رهندو. هاڻي پاڪستان ڪشمير کي ريفرنڊم چاهي ٿو پر هڪ شئي چٽي آهي ته ڪشمير هندستان سان هو ۽ ان سان ئي گڏ رهندو. ۽ ڪابه طاقت ان کي تبديل نٿي ڪري سگهي هن ڀارت جي خلاف سازشون ڪندڙ ملڪن کي خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن اسان کي هٿ به لاٿو ته اسان انهن کي نه ڇڏينداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *