ميرپور(م ڊ)پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان جو جهنڊو ميرپور ۾ لهرايو پيو وڃي، هي علامت آهي ته پاڪستان جو هر شهر، هر شهري، هر ادارو ۽ هر ساسي پارٽي ڪشميرين سان گڏ ڪالهه به هئي، اڄ به آهي ۽ هميشه رهندي.ميرپور ڪشميرين سان ٻڌي لاءِ تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڪشمير جو جهنڊو جيڪو هن پنڊال ۾ لهرائي رهيو آهي ان کي وڌيڪ اوچو ڪري نريندر مودي کي پيغام ڏئي ڇڏيو ته ڇا هو توهان جو جهنڊو جهڪائي سگهي ٿو، ڪا هو نقشي تي ليڪ ڪڍي دلين کي جدا ڪري سگهي ٿو.هن چيو ته ڪشميرين جو رت ۽ انهن جي تاريخ شاهد آهي هنن ڪڏهن جهڪڻ ناهي سکيو.سندس چوڻ هو ته عمران خان پاڻ ئي هڪ فيصلو ڪيو آهي ته جيستائين ڪشميرين جي حق خوداراديت جي ويڙهه جاري آهي، مودي ڪيتريون به پابنديون هڻي، آئون ڪشميرين جي سفير طور ڪيس وڙهندو رهندس.هن وڌيڪ چيو ته ڪشمير عوام خوددار ماڻهو آهن هي نريندر مودي کي آڏو گوڏا نه کوڙيندا.