ڪشميرين جي حق خوداراديت جي سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکنداسين: وزير اعظم

اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ آهي ته ڪشميرين جي حق خوداراديت جي اخلاقي سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکنداسين. وزير اعظم شاهد خاقان عباسي سان وزير اعظم آزاد ڪمشير راجا فاروق حيدر ملاقات ڪئي جنهن ۾ سياسي معالن ۽ آزاد ڪمشير جي ترقي جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته پاڪستاني حڪومت ۽ پوري عوام والاريل ڪشمير جي عوام سان گڏ بيٺل آهي جڏهن ته ڪشميرين جي خوداراديت جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکنداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *