ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد بي مثال آهي: خواجا سعد رفيق

لاهور(بيورو) ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد بي مثال آهي. پاڪستان ۾ جمهوريت مضبوط ٿيڻ ضروري آهي، پاڪستان جو استحڪام ڪشميرين کي مضبوطي فراهم ڪندو آهي. لاهور ۾ يوم يڪجهتي ڪشمير جي حوالي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته آزاد ڪمشير ڪجهه سالن ۾ مٽجي ويندو، اتي ترقي ٿيندي، او آءِ سي  کي فعال بڻايو وڃي. ڀارت هاڻ گهڻي دير تائين ڪشميرين کي غلام نٿو رکي سگهي، ڪشمير ۾ ڀارتي بوٽ ڪشمير جي آزادي واري جدوجهد کي ڪچلي نٿا سگهن.  ڀارت جي ترقي جو رستي پاڪستان مان ٿي گذرندو آهي، ڀارت جي خوشحالي جي لاءِ ڪشمير کي آزادي ڏيڻي پوندي. تحريڪ آزادي ڪشمير جي سمورا معاملن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ ادارو بڻايو وڃي.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو، پاڪستان ۾ سموريون حڪومتون ڪشمير مسئلي تي هڪ آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *