ڪشمور پريس ڪلب جي حلف برداري تقريب؛ صحافي مظلوم ماڻھن جي امنگن جي ترجماني ڪن ٿا؛ايس اين پي چيئرمين

ڪشمور(ڊ ر) ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڪشمور جي سال 2018ع لاءِ چونڊجي آيل عهديدارن جي حلف برداري تقريب ٿي گذري جنهن ۾ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڪشمور، نيشنل پريس ڪلب ڪشمور، گڊو پريس ڪلب، بخشاپور پريس ڪلب جي صحافين سميت سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ڀرپور شرڪت ڪئي، پروگرام ۾ خاص مهمانن ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور منور علي مٺياڻي، ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي، ٽائون ڪاميٽي گڊو جي چيئرمين مهراب مزاري، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪشمور اياز سومرو، ميان عبدالحسيب، ايس اين پي چيئرمين شاد کوسو، سينيئر صحافي مڪيش روپيدا، پيغام يونين اڳواڻ عبدالرزاق بهلڪاڻي، ھائيڊرو ورڪرز يونين جو مرڪزي اڳواڻ ايوب اختر زيدي. پ پ اڳواڻ عالمگير خان ڪوش، موريو جکراڻي، نواز ليگ اڳواڻ راڻا غفار. ايس ٽي پي اڳواڻ رفيق احمد چنو، سني تحريڪ اڳواڻ سيد ظفر شاھ سميت شهر جي سياسي، سماجي تنظيمن ۽ ساڃاھ وندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، حلف برداري تقريب ۾ آيل مهمانن کي آجياڻو ڏيڻ بعد ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب جي صدر سبحان کوسو خطاب ڪندي چيو ته وفاقي سرڪار، سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڪشمور کي هميشه نظر انداز ڪيو آهي تقريبن 10 سال اڳ تعلقي ناظم طرفان بلڊنگ تيار ڪري ڏنو ويو هو ان بعد ڪڏهن به ڪنهن ايم اين اي، ايم پي اي، صوبائي وزير توڙي ضلعي انتظاميا ڪنهن به قسم جو فنڊ نه ڏنو آهي، صحافي برادري پنهنجي مدد پاڻ تحت اداري کي هلايو آهي، موقعي جي مناسبت سان ڊپٽي ڪمشنر کي گذارش آهي ته ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب لاءِ فنڊ جاري ڪيا وڃن، آجياڻي بعد آيل مهمانن کي اجرڪ جا تحفا ڏنا ويا، ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور منور علي مٺياڻي صدر سبحان کوسو. دليپ ڪيسواڻي، انيل بجاج، ساجن شيخ، محمد زمان سولنگي، ايل بي بجاج، جئرام داس بجاج، درشن ڪيسواڻي، غلام فريد ڄامڙو کي حلف کڻايو، پروگرام کي خطاب ڪندي بالاچ دشتي چيو ڪشمور جي صحافين عوامي مسئلن لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي، ايس اين پي چيئرمين شاد کوسو خطاب ڪندي چيو ته صحافي مظلوم ماڻھن جي امنگن جي ترجماني ڪن ٿا. جنهن سبب ڪجھ ماڻھون صحافين جا دشمن ٿي بيهن ٿا. جس آھي صبحان کوسي ۽ ان جي ٽيم کي جن هميشه هر ڏاڍ جو مقابلوڪيو. هن ڇيو ته صحافين جي تحفظ ۽ انهن جي معاشي معاونت ڪئي وڃي، عبدالرزاق بهلڪاڻي چيو ته صحافين جي جدوجهد تمام بهترين آهي اسان ساڻن هر محاذ تي گڏ آهيون، مهراب مزاري اعلان ڪندي چيو ته گڊو جي صحافين لاءِ عارضي طور پريس ڪلب جي بلڊنگ ۽ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب لاءِ فرنيچر جو بندوبست ڪندو، ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي صحافين جي حلف برداري تقريب جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته اميد آهي نئين چونڊيل باڊي پنهنجي کنيل حلف کي نڀائيندي عوام جي خدمت ڪندي ۽ اداري جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندا رهندا پريس ڪلب جي حفاظت لاءِ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا، ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور منور علي مٺياڻي خطاب ڪندي چيو ته رياست جي 4 ٿنڀن مان هڪ ٿنڀو صحافت آهي آئون 4 سال اڳ ڪشمور آيو هئس ته پريس ڪلب جي بلڊنگ انهي حالت ۾ هئي هاڻ ته انهي جي حالت اڃا به خراب ٿي ويئي آهي آئون ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب جي بلڊنگ لاءِ هڪ ڪروڙ روپين جوباعلان ڪيان ٿو بلڊنگ کاتي جي انجنيئر کان بلڊنگ جو نقشو تيار ڪرائي ڪم شروع ڪرايو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *