ڪرپٽ ماڻهن کي سزا نه ملي ته گهرو ويڙهه ۽ رت وهندو: شيخ رشيد
January 10, 2017 at 12:50 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد(بيورو)ِِعوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته ڪرپٽ ماڻهن کي سزا ڏيڻ پاڪستان جي ضرورت آهي، جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته پوءِ گهرو ويڙهه ۽ رت وهندو. سپريم ڪورٽ کان ٻاهر ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته نواز شريف ۳ ڀيرا وزير اعظم ۽ ڇهه دفعا وزير رهي چڪو آهي، ان دور ۾ هن تمام گهڻو پئسو ٺاهيو، الله کان اميد آهي انصاف ٿيندو. هن جو چوڻ هو ته پاڪستان جي ضرورت آهي ته ڪرپٽ ماڻهو سزا کائين، جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته هن ملڪ ۾ گهرو ويڙهه ۽ رت وهندو. شيخ رشيد چيو ته اميد آهي سپريم ڪورٽ کان انصاف جو جهنڊو اوچو ٿيندو، هن وڌيڪ چيو ته حڪومت موٽر وي ۽ ايئر پورٽ گروي رکيا ڇڏيا آهن ۽ پي ٽي وي گروي رکي رهيا آهن، ڇو ته هيءَ ڪرپٽ حڪومت آهي.