اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرپشن ۽ ڪرپٽ عنصرن جو بنا فرق جي احتساب حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم عمران خان سان نيب چيئرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال ملاقات ڪئي ۽ کيس وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي وڌايون ڏنيون.وزيراعظم عمران خان نيب چيئرمين سان ملاقات ۾ قومي احتساب بيورو جي تازي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو ۽ شفافيت کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا، بدعنوان ۽ ڪرپٽ عنصرن جو بنا فرق احتساب حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته حڪومت نيب کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ اداري جي انگ کي وڌائڻ لاءِ پُرعزم آهي.